ٺٽو: جيئي سنڌ تحريڪ پاران ھدايت لوھار جي جوابدارن جي گرفاري لاءِ ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

ٺٽو  (نظير احمد قريشي) جيئي سنڌ تحريڪ پاران ايڌھي سينٽر کان ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڊي شھيد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاء  پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو

جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي ضلعي اڳواڻ اڪبر بروھي باغي فرھاد ميمڻ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي اڳواڻ امجد شورو جسقم بشير خان جي مالڪ بروھي جسقم آريسر جي معصوم زنئور ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻ دلاور شيخ جمشيد قريشي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ گلاب لنڊ ديوان سريش ڪمار ۽ ٻين سياسي سماجي سول سوسائيٽي قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 جيئي سنڌ تحريڪ جي احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو تہ شھيد استاد ھدايت لوھار جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري مسلسل 3 سالن کان گم آھي جنھن کي اڃا تائين آزاد نہ ڪرايو ويو جي آئي ٽي خاموش لڳي پئي آھ پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائي مقتولن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ اڄ 12 مئي ماء جي عالمي ڏينھن تي پريا ڪماري کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

وڌيڪ اڳواڻن ڳلھائيندي چيو تہ جيڪڏھن پريا ڪماري کي آزاد نہ ڪيو ويو ۽ شھيد ھدايت لوھار جي قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو ويو تہ ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

مَي 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو