سکر : فوجي فرٽيلائزر ڪمپني گهوٽڪي پاران ڪپهه جي منافعي بخش پوک جي حوالي سان سيمينار منعقد
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) فوجي فرٽيلائزر ڪمپني لميٽيڊ گهوٽڪي سکر جي ريجن هيڊ آف سيلز محمد انصار جاويد، هيڊ آف فارم ايڊوائزري (رحيم يار خان) عبدالجليل جروار پاران مقامي هال ۾ ڪپهه جي منافعي واري پوک جي حوالي سان سيمينار ڪوٺايو ويو.
سيمينار ۾ ايڊووڪيٽ جنرل رحيم يار خان تحسين افضل، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل آگر ڪلچرل عبدالقادر مهر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت احسان الله سمير، هيڊ آف سيلز سکر سعد بن حسن ۽ ٻين زرعي ماهرن شرڪت ڪري هارين کي فصلن جي سنڀال بابت مفيد مشورا ڏنا.
ڪپهه جي پوک بابت ۽ هارين جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ ڀاڻ جي اسپري جي استعمال بابت هارين کي آگاهي ڏني وئي، ان موقعي تي مقررين پنهنجي پنهنجي خطاب ۾ چيو. فوجي فرٽيلائزر ڪمپني لميٽيڊ گهوٽڪي زراعت جي ماهرن جي صلاح تي هارين جي خوشحالي ۽ معياري زرعي ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي،
ان عمل سان جتي هاري خوشحال ٿيندو اتي ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۾ به مدد ملندي زرعي ترقي جي ڪري. ڪپهه هڪ نقدي فصل آهي جنهن جي پوک سان نه رڳو هارين کي مالي فائدو پهچندو آهي پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندو آهي. ڪپهه هڪ منافعي بخش فصل آهي جيڪو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، هارين کي کپاس جي وڌيڪ پوک ڪرڻ گهرجي.
مَي 11, 2024