ڪُنوار بنا ڄڃ موٽڻ تي گهوٽ زهر کائي ڇڏيو

Spread the love

جمال پور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪنوار بنا ڄڃ موٽڻ تي گهوٽ دلبرداشته ٿي زهريليون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو.
اهو واقعو پنجاب صوبي جي ضلعي بهاولپور ۾ پيش آيو، جتي جمال پور ۾ ڪنوار بنا ڄڃ موٽڻ تي گهوٽ انتهائي قدم کنيو.
ذريعن موجب نڪاح وقت وڌيڪ رقم لکرائڻ تي گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ جهيڙو ٿيو، ڪنوار جي خاندان وڌيڪ رقم لکرائڻ جو چيو ته ڄڃ واپس موٽي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنواريتن نڪاح وقت 5 لک رپيا ۽ هڪ گهر لکرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.
گهوٽ ڪنوار نه اچڻ تي دلبرداشته ٿي زهريليون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

مَي 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو