ڪنڌ ڪوٽ ۾لائيو اسٽاڪ ۾ ڊگريون حاصل ڪندڙ بيروزگار نوجوانن پاران احتجاج

Spread the love

ڪنڌڪوٽ(  رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪنڌ ڪوٽ ۾لائيو اسٽاڪ ۾ ڊگريون حاصل ڪندڙ بيروزگار نوجوانن جو احتجاج نوڪريون ڏيڻ جو مطالبو  ان موقعي تي نوجوانن جاويد احمد اوڳاهي عنايت الله قمبراڻي طاهر حسين اسد الله قمبراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته

اسان سڀ احتجاج ڪندڙ اسٽاڪ اسسٽنٽ آھيون جن ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ ۽ جيڪب آباد مان وٽرنري ڊپلومہ ڪيو آھي، گذريل ٻارنھن سالن کان وٺي اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڀرتي ناھي ٿي جنھن جي ڪري بيروزگاري جو ريشو تمام گھڻو وڌي ويو آھي، نوڪري جي انتظار ۾ ڪيترائي اوور ايج ٿي ويا آھن  پر کين روزگار نٿو ڏنو وڃي. لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ چيلھ جي ھڏي جھڙي حيثيت رکي ٿو، اداري ۾ موجود اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ريٽائرڊ ٿيڻ جي ڪري تمام گھڻي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي، ٿرپارڪر جو مثال وٺو جتي ڏيڍ سؤ اسٽاڪ اسسٽنٽس جو پوسٽون سينڪشن ٿيل آھن پر ھن وقت چاليھ کان پنجيتاليھ اسٽاڪ اسسٽنٽ باقي رھجي ويا آھن جڏھن تہ گذريل ٻارنهن سالن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود نئي ڀرتي ناھي ڪئي وئي جنھن جي ڪري اداري ۾ وڏي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي.

باوجود اھڙي صورتحال جي کاتي کي ھلائڻ وارن کي پرواھ ئي ناھي. اداري کي ھلائڻ وارن جو سڄو ڌيان اين جي اوز جي سڻڀن پراجيڪٽس تي ۽ ھڪٻئي جا پير ڪڍڻ تي آھي. جنھن سبب کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي کوٽ جي کين پرواھ ئي ناھي.

اسٽاڪ اسسٽنٽ سان ماٽيلي ماءُ جھڙو رويو رکيو ويو آھي کين روزگار ڏيڻ جي بجاءِ اين جي او پراڊڪٽ جن ۾ ٽيھ کان سٺ ڏينھن ۾ ڪليو، ويڪسينيٽر تيار ڪرايا وڃن ٿا انھن کي سپورٽ ڪئي وڃي ٿي. جنھن سبب ھڪ ٻہ مھينن جا تيار ڪردہ نان ٽيڪنيڪل ماڻھو وري فيلڊ ۾ ڊاڪٽر بڻجي بي زبان جانورن جو علاج ڪري رھيا آھن.

اسان جو سوال اھو آھي  تہ اسٽاڪ اسسٽنٽ کي مظبوط ڇو نٿو ڪيو وڃي، اسٽاڪ اسسٽنٽ کي روزگار ڇو نٿو ڏنو وڃي، جيڪو ڏينھن رات مالوند ماڻھن جي خدمت ڪري ملڪ جي معيشت کي وڌائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. اسان وزير اعلۍ سنڌ سائين مراد علي شاھ ، ايڊوائيزر لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز  سيد نجمي عالم صاحب جن کي اپيل ڪيون ٿا تہ بيروزگار اسٽاڪ اسسٽنٽ سان انصاف ڪيو وڃي کين روزگار ڏئي کاتي جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي.

مَي 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو