دادو: سيپرا جي ايم ڊي پاران چيف انجنيئر ۽ انجينئر ايجوڪيشن ورڪس کي طلب ڪيو ويو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) عام اليڪشن 2024 دوران ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي اليڪشن ڪميشن طرفان دادو ضلعي جي چئن ئي تعلقن ۾ تباه ٿيل اسڪولن جي  113 ترقياتي اسڪولن جن ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ٿيڻيون هيون انهن جي مرمت لاء 9 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا هئا

 پر ايجوڪيشن کاتي جي ان وقت جي انجنيئر سيد مهتاب شاه۔ايس ڊي او دادو سجاد شاهاڻي۔ايس ڊي او ڪي اين شاه جمن زرداري ۔سب انجنيئر جوهي دادو حبيب الله سومرو جي ملي ڀڳت سان 113 ترقياتي اسڪيمن جا ٽينڊر سيپرا جي ويب سائيٽس تي اپلوڊ ڪرڻ بدران سڌي ريت ٺيڪا ايس ڊي او پاڻ کنيا اهڙي درخواست دادو جي ٺيڪيدار دانيال ڪنسٽريڪشن ڪمپني جي مالڪ سيپرا چيئرمين کي لکت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته  ايجوڪيشن ورڪس کاتي دادو طرفان 9 ڪروڙ روپين جي 113 ترقياتي اسڪيمن جا ٽينڊر سيپرا جي قانوني جي ابتڙ ڪيا ويا آهن

 ٽينڊرن جي اين آء ٽي پڻ سيپرا جي ويب سائيٽس تي پڻ اپلوڊ ناهي ڪئي وئي نه ئي اخبارن ۾ ٽينڊر ڏنا ويا نه ئي آفيس جي نوٽيس بورڊ ۾ اين آء ٽي لڳائي وئي ۔ جن کي ڳجهه ڳوهه ۾ ٺيڪا الاٽ ڪيا ويا انهن جي لسٽ منظر عام تي نه آندي وئي آھي  سمورا ٺيڪا ايس ڊي او پاڻ ويجهن عزيزن جي نالي تي کڻي سڌي ريت ٺيڪا پاڻ کنيا ۽ 9 ڪروڙ روپين جي پيمينٽ ڪوٽيشن ذريعي پاڻ ڪڍي ويا آھن

 اهڙي درخواست کانپوء سيپرا جي مينيجنگ ڊائريڪٽر نوٽيس جاري ڪندي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي چيف انجنيئر سيد احمد علي شاه ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي دادو جي انجنيئر  محبوب علي ميمڻ کي سومر تي ڪراچي جي سيپرا آفيس ۾ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آھي.

مَي 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو