ڏوڪري ۾ جسقم پاران مغوي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو
ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ۾ جسقم ڏوڪري طرفان سکر جي سنگرار شهر مان ٻه سال اڳ اغوا ٿيل ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻن رڪ سنڌي، خالد جوڻيجو، سندر خان جيسر، اويس پنھور، ھمير پنھور ۽ ٻين چيو ته 2 سال وڌيڪ جو عرصو گذرڻ باوجود هن وقت تائين معصوم نياڻي پريا ڪماري جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو،
ڇا هي ملڪي ادارا ڌاڙيل ڪلچر جي آڏو ايترا ڪمزور ٿي چڪا آهن جو مسلسل سنڌ جي نياڻي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جو شعور روڊن ۽ رستن تي آهي، پر مجال جو حڪومت جي ڪن تي ڪا جوئن چري، مسلسل ڪن لاٽار ڪيترائي سنڌ سرڪار کان سوال اٿاري ٿي.
اسين مطالبو ٿا ڪريون ته بنا دير معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي سندس والدين ۽ سنڌ جي شعور مان ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مَي 10, 2024