ڏوڪري: شير محمد جوڻيجو واسي پورهيت جو وياج مافيا خلاف احتجاج
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ شير محمد جوڻيجو جي پورهيت جو وياجي خلاف احتجاج،ڳوٺ شير محمد جوڻيجو جي پورهيت اعظم نواز گاڏهي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته پنج سال پهريان مان ڪي اين ڀرسان ڳوٺ خوشالاني گاڏهي ۾ رهندو ھيس اتي منهنجي پيءُ علي نواز گاڏهي پيرل گاڏهي کان وياج تي چاليھ ھزار ورتا هئا جيڪي اسان هن کي ھڪ لک پنجاسي ھزار ڀري ڏنا ۽ حساب چڪتو ڪري ڇڏيو.
جنهن بعد مان اتان لڏي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ پنجن سالن کان رهندو آهيان.جيئن ته ھلندڙ سال فيبروري ۾ ھن مون تي پئسن جو ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جيڪو ڪورٽ سڳوري خارج ڪري ڇڏيو آهي.
جنهن بعد پيرل گاڏهي مون تي ڏمرجي پيو آهي.مختلف وقتن تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،ھو ھڪ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي مان ھڪ غريب مسڪين روز ڪمائي کائڻ وارو ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهيان. ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.
مَي 10, 2024