سيوھڻ :يو سي آراضي جي تپي آراضي جي معذور روينيو ملازم پاران  مدد جي اپيل

Spread the love

سيوهڻ شريف ( رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي)  سيوھڻ جي رھواسي يونين ڪائونسل آراضي جي تپي آراضي جو ننڍڙو روينيو کاتي جو ملازم ڪوٽار صابر علي خاصخيلي جيڪو  هڪ سال اڳ  ايڪسيڊنٽ ٿيو ھئو ان ايڪسيڊنٽ ۾ ان جي ٽنگ ڪٽجڻ جي ڪري  معذور بڻجي ويو،

پاڻ هن وقت معذوري جي حالت ۾ کٽ ڀيڙو ٿي ويو آھي ، سندس جي  سنڌ سرڪار ۽ روينيو کاتي جي ڊپٽي ڪمشنرڄامشورو ، اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو سيوهڻ، مختيارڪار روينيو سيوھڻ نه وري ڪنهن ٻئي ڪنھن  آفيسر پرگهور ڪري مدد ڪئي، جڏھن ته صابر علي خاصخيلي جي ھڪ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني ۾ پاليسي رکيل ھئي،

 ان پاليسي  هوندي به اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني پاران به ان جو اعلاج نه ڪرايو ويو آھي ، هن وقت هو پنهنجو اعلاج پنهنجي مدد پاڻ ڪرائي رهيو آھي، ۽ پاڻ لاچار بيوس بڻيل آھي ، وڌيڪ هن پنهنجا ڏکن جا داستان کڻي ميڊيا اڳيان روئيندي روئيندي ٻڌايا ته مان ھڪ ننڍڙو روينيو کاتي جو ملازم آھيان، مان سينئر آھيان، مون کي تعلقي سيوھڻ جا چڱا ماڻھون سڃاڻين ٿا، مون کي اھي چڱا ماڻھون ڪم ڪار لاء گھرائيندا ھئا،

 مون کان صلاحون وٺندا ھئا، پر ھاڻي مان مجبور آھيان ، معذور ٿي ويو آھيان، مان اپيل ٿو ڪريان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، سندس  پرسنل سيڪريٽري محمد سليم باجاري ، سردار سڪندر خان راھپوٽو، ڊپٽي ڪمشنر ڄام شورو، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ۽ مختيارڪار سيوھڻ جن کي تہ منھنجي سار لڌي وڃي، منھنجي مدد ڪئي وڃي ته جيئن آء پنھنجي ٻچن جو صحيح نموني گذر سفر ڪري سگھان.

مَي 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو