نواب شاھ : مير جان محمد خاصخيلي گرلز اسڪول مان لکين رپين جي چوري

Spread the love

نواب شاھ (رپورٽ: فدا حسين رند)حبيب شگر مل ڀرسان يوسي 8 اولڊ نواب شاھ ۾ قائم مير جان محمد خاصخيلي گرلز ايليمنٽري اسڪول مان رات جي وقت نامعلوم چور اسڪول جا تالا ٽوڙي پاڻي واري موٽر، ڪتاب ۽ اسڪول جو سمورو رڪارڊ چوري ڪري فرار ٿي ويا،

 ان سلسلي ۾ اسڪول جي ھيڊ مسٽريس ميڊم شھباز ۽ ٽيچر طاھرہ ٻڌايو ته اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا اسان جي اسڪول مان چوري ٿي آھي، جڏھن ته رات به نامعلوم چور اسڪول جا تالا ٽوڙي پاڻي واري موٽر، ڪتاب ۽ اسڪول جو سمورو رڪارڊ چوري ڪري ويا آھن،

ھن چيو ته اسڪول ۾ اسان وٽ نه چوڪيدار آھي نه پٽيوالو آھي جنھن جي ڪري چوريون روز جو معمول بڻيل آھن، ھنن چيو ته اسان تعليم کاتي ۽ ضلعي انتظاميه کي ڪيرائي ڀيرا ھن مامري کان آگاھ ڪيو آھي

ليڪن ڪير به اسان جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي.

مَي 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو