بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ايم پي اي ساجد علي ملاقات ڪئي

Spread the love

خيرپور (نمائندو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميڊم فريال ٽالپر سان پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ ڪراچي ۾ ملاقات ڪري خيرپور ضلعي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو.

 شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي.  گندي پاڻي جي نيڪال جو ناڪاره نظام، روڊن جي کوٽ، تعليمي عمارتن جي ابتر حالت، صحت مرڪزن ۾ مريضن لاءِ مناسب سهولتن جي کوٽ، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن، بيروزگار نوجوانن سميت شهرين جي حالت زار جو پڻ ذڪر ڪيو ويو.  بلاول ڀٽو زرداري سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

مَي 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو