ھٿياربند يرغمال بڻائي ڌيءَ کي اغواڪندي ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا: نواز علي ملاح

Spread the love

سوڀوديرو (رپور:ر ميرخان منڱڻيجو ) سوڀوديرو جي ڳوٺ ڌھيرو واھڻ ۽ موجوده ھنڱورجا رھائش پذير ريٽائرڊ رينجرس اھلڪار نواز علي ملاح جي گهر تي ھٿيار بندن ذاڪر علي ملاح ۽ نياز حسين اوٺو ھلان ڪندي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي منهنجي ڌي مسڪان ملاح کي اغوا ڪري گهر ڀاتين کي خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا.

متاثرين ريٽائرڊ رينجرس اھلڪار نواز علي ولد حضور بخش ملاح ۽ سندس ٻئي گھرواري مسمات فوزيه ملاح ۽ سندس اڳوڻي گھرواري مسمات نواب خاتون ملاح مان جنم ورتل پٽ فرزند علي ملاح ويٺل ڳوٺ ڌھيرو واھڻ لڳ سوڀوديرو حال ويٺل۔  شھر ھنڱورجا جنهن اڄ ھتي سنڌ پريس ڪلب ھنڱورجا پھچي دانھيندي چيو ته ٽي ڏينهن پھريان جمع ڏينهن تي ھر ھڪ نالي وار ذاڪر علي ملاح ولد نواز علي ملاح ۽ نياز علي اوٺو ويٺل ڳوٺ وڏيرو ديدار علي اوٺو لڳ سوڀوديرو ضلع خيرپور پنهنجن ٻن نامعلوم ھٿياربند ساٿين جي مددسان منهنجي غير موجودگي ۾  اسانجي ھنڱورجا واري گھر ۾ داخل گھر۔  ڀاتين مٿان ھٿيار تاڻي کين کي حراسمينٽ ذريعي  خاموش ڪرائي کين مٿان تشدد ڪري منهنجي گھر ۾ موجود نياڻي نالي مسڪان کي سرعام ھٿيارن جو زور تي ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪري کڻي وياـ

۽ گھرڀاتين کي موت مار ڌمڪيون ڏيندا رھيا ته اگر توهان ڪا دانهن ڪوڪ لئي ته توھانجو خير نه ھوندوـ واضح رھي ته مان ھنڱورجا شھر شھر  اندر ڪجهه ڏينهن کان منگي محلا ۾ ڪرائي جي جاء ۾ پنهنجي ٻئي گھرواري مسمات فوزيه ۽ ٻين نياڻين پٽن سميت رھندوآھيان

۽ ڪجهه ڏينهن کان مزڪورھ  منهنجي مسڪان پڻ مون وٽ رھيل ھئي جنهن کي مزڪورھ ھٿياربندن اغواڪري وڃي ڳوٺ وڏيرو ديدار علي اوٺو ۾ نياز علي اوٺو جي گهر ۾ کڻي وڃي

 اتي ھٿيارن جي ڏاڍ تي مغوي منهنجي ڌي مسڪان کي پريشر ڏئي ڪري اسان خلاف ڪوڙو بيان ۽ڪوڙي ميڊيا ڪرائي اسان کي حراسان ڪندي بليڪ ميل ڪري رھيا آهن

ـھن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي اڳوڻي  گھرواري مسمات نواب  خاتون جيڪا پنهنجي ميڊيا بيان ۾ باربار اھو ذڪرڪري ٿي ته مونکي مڙس نواز علي ملاح زبردستي طلاق ڏئي ڪري ھن ٻئي شادي ڪئي آهي

 پر مان اھو ھن ميڊيا آڏو واضح  ٿو ڪريان ته مان پھرين شادي 2007 ۾ ڪئي ھئي ۽ ھن پاڻ دارالامان سکر مان2014 ۾ خلا وٺي مزڪورھ نالي نياز علي اوٺو سان ڪورٽ سڳوري ۾ ڪورٽ مئيريج ڪئي آهي ـ

سندس مان مونکي اٺ ٻار آهن جنهن ۾ 6پٽ 2نياڻيون مون وٽ آهن جيڪي ھو صغير پڻ ھيا تن کي اسان زال مڙس پالي جوان ڪري شادين جي لائق بڻايو ـ مسمات نواب خاتون منهنجي ڌي مسڪان کي منهنجي خلاف استعال ڪندي ھٿيارن جي ڏاڍ تي ڪوڙي ميڊيا ڪرائي مونکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھي ٿي ـ۽ منهنجي اولاد کي منهنجي خلاف استعمال ڪري مون خلاف ڀڙڪائي مون کي اولاد ھٿان قتل ڪرائڻ جون سازشون ڪيو پيو وڃن

ـمتاثرين پاران چيف جسٽس آف پاڪستان ـ سنڌ ھاء ڪورٽ ـ وزيراعلي سنڌ ـ آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي سکر ـ ايس ايس پي خيرپور حد پوليس ھنڱورجا سميت اعلي اختيارين کان پرزور گھر ڪئي آهي

 ته خدارا اسان جي ھن اھم جائز مسئلي تي خصوصي توجهه ڏني ڪري مزڪورھ  جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري گرفتار ڪري اسان کي اغوا ٿيل نياڻي مسڪان ملاح واپس ڪرائي گھربل جوابدارن کي سخت سزا ڏئي ڪري اسان کي انصاف مھيا ڪرائي قانوني جاني مالي تحفظ فراھم  ڪري انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وڃن .

مَي 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو