ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران سيوھڻ ۾ امتحاني سينٽر جو دورو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ پاران سيوھڻ جي اسڪولن ۾ ساليانه نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ھلندڙ امتحاني سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو،تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ سيوھڻ پھچي گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز ھائي اسڪول جو اوچتو دورو ڪري ھلندڙ امتحان جو جائزو ورتو،

 ڊہٽي ڪمشنر ڄامشورو مختلف ڪلاسن جو دورو ڪري استادن کي سختي سان ھدايتون ڏنيون ته ڪنھن به شاگرد کي امتحان دوران موبائل فون جي اجازت ھرگز نه ڏني وڃي، ھن امتحان جي انتظاميہ کي ھدايت ڪئي

 ته ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاء جوڳا اپاءَ ورتا وڃن،  ڇاڪاڻ ته اسڪولي شاگرد پنھنجو ڌيان طلب محنت ۽ پڙھائي تي ڌيان ڏين، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو والدين کي پر زور اپيل ڪئي آھي ته پنھنجي ٻارڙن کي ڪاپي ڪلچر کان بچائين، ڇو جو ھي دور چٽا ڀيٽي جو آھي،

خاص ڪري استاد ان ۾ اھم ڪردار ادا ڪري پنھنجو فرض ايمانداري سان نڀائن، ته جيئن اسان جا شاگرد ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ محمد علي گوپانگ، عبداللطيف سولنگي، حاڪم راڄڙ سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

مَي 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو