ٺٽو: وڪيل طرفان تشدد ٿيل زاھدھ ڪھيو جو ڪيس مفت وڙھڻ جو اعلان
ٺٽو(نظير احمد قريشي)نامياري وڪيل فرحان شمس ميمن طرفان تشدد ٿيل زاھدا ڪھيو جو ڪيس مفت وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو فرحان شمس جا دليل ٻڌڻ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون نياڻي ۽ ان جي والدين طرفان وڪيل جو شڪريو ادا ڪيو ويو خبر مطابق ڪجھ ڏينھن پھرين
غلام الله ڀرسان ڳوٺ ڇتو ڪھيو ۾ نياڻي زاھده ڌي جاويد ڪيھو تي وحشي جوابدارن ستار ڪھيو ۽ گلزار ڪھيو پاران سخت تشدد ڪندي ٽنگن ۾ لوھي سرين سوارخ ڪري چيلھ به ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ ٻانھون ڀڄي ڇڏيون نياڻي جو علاج ڪرائڻ بجاء گھر۾ قيد ڪيو ويو نياڻي جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد انساني حقوق کاتي شڪايت سيل ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان سخت نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪيو ۽ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو
جنھن جي ضمانت واري ڏينھن تي نياڻي طرفان ميمبر ويجلنس ڪميٽي انساني حقوق کاتو حڪومت سنڌ فرحان شمس ميمن پيش ٿيو ۽ جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرايون نياڻي جي والد جاويد ڪھيو چيو ته ڪجھ بااثر ۽ جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء سخت ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ٺٽو کي فورن نوٽيس وٺڻ گهرجي جوابدار ستار کي کي گرفتار ڪيو وڃي.
مَي 8, 2024