سکر ۾ بجلي جي چوري جي روڪٿام لاءِ  ڊويزنل ڪميٽي بابت اجلاس منعقد

Spread the love

سکر( رپوٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر شهر کي جون 2024 تائين لوڊشيڊنگ فري بڻائڻ جو فيصلو.سکر ڊويزنل ڪمشنر سکر جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس سکر ۾ بجلي جي چوري جي روڪٿام لا ڊويزنل ڪميٽي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾  ڊي آءِ جي سکر رينج عبدالحميد کوسو، سي اي او سيپڪو سعيد داوچ، ڊويزن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز سميت ٻين لڲاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ سي اي او سيپڪو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ بجلي چوري جي روڪٿام ۽ وصولي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڊويزنل انتظاميه جي سهڪار سان سکر شهر جي 30 فيڊرز تي ڪم جاري آهي

 جن مان 23 فيڊرز کي لوڊشيڊنگ فري بڻايو ويو آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن  ڊي سي ۽ ايس ايس پي سکر کي هدايت ڪئي ته هو سيپڪو سکر سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ باقي 07 فيڊرز تي به ڀرپور ڪوششون ڪن ته جيئن سکر شهر کي لوڊشيڊنگ فري بڻايو وڃي.

ڪمشنر سکر ڊويزن سمورن ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي ته علائقي ۾ بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ سيپڪو عملدارن سان گڏجي ڪم کي يقيني بڻائن ته جيئن شهر کي بجلي چوري کان بچائي سگهجي ۽ شهر کي لوڊشيڊنگ فري بڻائي سگهجي.

مَي 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو