دادو : انڊس ھاءِ وي تي روڊ حادثو،ڪوچ جو ڪار کي زوردار ٽڪر ، ھڪ زخمي، 4 ڄڻا فوت
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي جي تعلقي خيرپورناٿن شاھ انڊس ھاء وي روڊ تي ڳوٺ باغائي چانڊيو وٽ تيز رفتار لاڙڪاڻو ويندڙ ڪوچ جو ڪار کي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ئي گهر جا عورت سميت 4 ڄڻا فوت ڪار ڊرائيور زخمي ٿي پيو
فوتين ۾ مسمات شمشاد خاتون ميمڻ، غلام اصغر ميمڻ، ياسر علي ميمڻ، ارشاد علي ميمڻ شامل آھن جڏھن ته ڪار جو ڊرائيور نويد احمد آرائين سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتين جو تعلق مورو جي ميمڻ محلا سان آھي
جيڪي مورو کان خيرپور ناٿن شاھ ۾ تعزيت لاءِ وڃي رھيا ھئا ته کين ڪراچي کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ٽڪر جي نتيجي م ٻد نصيب واقعو پيش آيو پوليس ذريعن موجب ڪوچ غلط سائيڊ تي اچڻ ڪري ڪار کي ٽڪر ھنيو جنھن سبب واقعو پيش آيو جڏھن ته ڪوچ ڊرائيور زخمي حالتج فرار ٿي ويو جڏھن ته فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي،
مَي 8, 2024