ڪراچي: ريڙهي ڳوٺ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ريڙهي ڳوٺ ۾ ڪراچي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل ھڪ سال بہ نہ گزريو تہ هڪ ئي گهر جي ٻن مردن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو
اسپيشل رپورٽر غلام تقي پنهيار ڪراچي جي علائقي ريڙهي ڳوٺ۾ منشيات فروشن خلاف مهم هلائڻ ۽ جلوس ڪڍڻ جيڪري پي ۽ نوجوان پٽ کي بيدرديءَ سان ماريو ويو انھن جو قصور فقط اھو ھيو تہ منشيات ۽ ھٿيارن جي واپارين کي علائقي ۾ اچڻ کان روڪيندا ھئا پھرين پٽ کي 2023-7-12تي قتل ڪيو ويو
انکانپوءِ ٺيڪ ڏھين مھيني مرحوم نوجوان جي پيءُ غلام نبي جت کي اڪيلو ڏسي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيائون مقتولن جي وارثن سردار سلطان احمد جت نواز علي جت ۽ ٻين وارثن چيو تہ اسانکي ٿاڻو سکڻ يا ٿاڻو ابراهيم حيدري مان ڪابہ اميد ڪونھي انھن ٿاڻن تي اسلحي ۽منشيات جا اسمگلر ھر ھفتي ڪروڙين رپيا نذرانو ڏين ٿا انھن ٿاڻن جي پوليس جي نگراني هيٺ ريڙھي ڳوٺ ۾ھميشه کان منشيات ھلندڙ آھي
۽ ھينئر جي صورتحال مطابق ريڙهي ڳوٺ شيطان چوڪ شريف ماڻھن لاءِ نوگو ايريا بڻيل آھي ان مان ھتان جي پوليس جي ڪارڪردگي واضح آھي اھڙي پوليس کان اسانکي ڪابہ اميد ڪونھي اسان آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کي اپيل ٿا
ڪريون تہ ھن مسئلي جي اڻ ڌري جانڇ ڪرائي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت اسان سڄي سنڌ جي جت برادي کي احتجاج جو سڏ ڏينداسين جنھن جي زمادار حکومت ھوندي.
مَي 7, 2024