ڪراچي: 9 ڏينھن تائين ميڊيڪل ڪيمپ، ڊاڪٽر ممتاز کي ڀيٽا پيش

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي سماجي تنظيم مڪلي ويلفيئر آرگنائيزيشن جو نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ ڪجھ وقت اڳ دبئي ۾ آيل برساتي ٻوڏ بعد ٿيل تباھ ڪارين کانپوء پاڪستان کان دبئي جي ڏورانھن علائقن ۾ وڃي ڪري مسلسل 9 ڏينھن تائين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي ماڻھن جو علاج ڪرڻ بعد ڏيھ واپس موٽي آيو سياسي سماجي ماڻھن پاران ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ کي سماجي ڪيل خدمتن تي شاندار ڀيٽائون ڏنيون ويون

خبرموجب ڪراچي سماجي تنظيم مڪلي ويلفيئر آرگنايزيشن جي نائب صدر ڊائو اسپتال ٽراما سينٽر جو سينيئر مئنيجر ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ ڪجھ وقت دبئي ۾ آيل برساتي ٻوڏ ۾ ٿيل تباھڪارين بعد پنھنجون يو اي اي جي تعاون سان پنھنجون خدمتون سر انجام ڏيڻ لاء پاڪستان کان دبئي وڃي

ڪري دبئي جي ڏورانھن علائقن ۾ مسلسل 9 ڏينھن تائين ميڊيڪل  ڪئمپون لڳائين ماڻھن جو علاج ڪرڻ سميت انھن کي دوائون ڏنيون ويون ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ دبئي ۾ مسلسل 9 ڏينھن تائين پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد ڏيھ واپس پھچي ويو آھي

 ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ جي سماجي ڪمن ۾ ڪيل خدمتن تي مختلف سياسي سماجي ماڻھن طرفان سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ کي شاندار ڀيٽائون ڏنيون سندس جي صحت واري شعبي ۾ دبئي ۾ ڪيل خدمتن واري ڪم کي تمام گھڻو ساراھيو.

مَي 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو