سنجھورو لڳ کليل ڪچھري ۾عوام جو آفيسرن خلاف دانھون، شڪايتون حل ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

سنجھورو ( رپورٽ:  احمد حسن خاصخيلي  ) سنجھورو لڳ کلي ڪچھري عوام جو آفيسرن خلاف دانھون ـ سندن مسعلا ٻڌي فوري حل ڪرايا ويا مختلف آفيسرن جي شرڪت ان سلسلي ۾ رپورٽ موجب  ايم اين اي ۽ پي پي جي مرڪزي اڳواڻ شازيا عطا مري جي حڪم تي ڳوٺ محمد خان جلالاڻي ۾ کلي ڪچھري سندس ڀا رئيس اڪبر علي مري عوام جا مسعلا ٻڌا تعلقي جي سموري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي

 جتي رئيس اڪبر علي خان مري عوام جا ٻڌل مسعلا اتي موجود آفيسرن کان فوري طور اتي ئي حل ڪرايا کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي رئيس اڪبر علي مري ٻڌايو تھ ايم اين اي شازيا مري جي عوام جي تڪليفن کي محسوس ڪندي ھن ڳوٺ ۾ ان ڪري کلي ڪچھري رکرائي جئين عوام کي سندن در تي ئي انصاف ملي کلي ڪچھري ۾ مختيارڪار سنجھورو امجد علي ڪمالاڻي ڊي ايس پي پرويز جٽ ايس ايڇ او نبي بخش لاشاري محمد نعيم وسان رئيس امير علي رندواييس چيرمين دين محمد بروھي ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪاونسل شاھ جان ملوکاڻي اڳوڻو چيرمين بچل ملوکاڻي ڪمال خان پٺاڻ  ايم اين اي شازيا مري جو پي اي شاھد حسين مري چيرمين سيد صبغت اللھ شاھ شھيد پٺاڻ خان جلالاڻي غلام رسول خاصخيلي پيرل بلوچ عطا محمد جلالاڻي سميت مخٿلف ڌرين شرڪت ڪئي.

مَي 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو