سکر : مغوي علي اصغر منگريو جي بازيابي لاءِ 216 هين ڏينهن  بھ احتجاج

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ)سکر پريس ڪلب اڳيان معصوم علي اصغر منگريو اغوا ٿيل جي بازيابي لاءِ 216 هين ڏينهن لڳاتار رات ڏينهن احتجاج جاري آهي.

احتجاجي ڪئمپ تي موجود زاهد حسين منڱريو،اعظم منڱريو ،محمد علي ۽ احمد علي مڱريو جو چوڻ هو ته علي اصغر منڱريو کي 2015 ۾ سکر جي  ايوب گيٽ وٽان اغوا ڪيو ويو هو

جيڪو اڄ تائين بازياب نه ٿيو آهي جڏھن ته اغوا بعد ڀنگ جي رقم گهرندڙ  نامينیت آھن، جن ۾ خالد منڱريو ،منظور منڱريو ،سعيد منڱريو ۽ جنيد منڱريو آھن.

انهن جا نمبر اجينسي ٽريس ڪري ڏنا آھن. هاءِ ڪورٽ جي حُڪم سان هوم سيڪيٽري سنڌ GIT جوڙي هئي جن اڍائي سال انڪوائري ڪئي 50 ميٽنگِ ڪئي ان انڪواري ۾ سڀ جوابدار ڏوھي ٿيا آهن

 GIT هاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي ته علي اصغر اغوا ٿيل آهي جنهن کانپوء سنڌ حڪومت ٻGIT جوڙي  جيڪي علي اصغر کي بازياب ڪرائيندي.پر هن انڪوائري کي به ٻه سال ٿي چُڪا آهن ۽ مغوي علي اصغر کي 9 سال ٿي ويا آھن.جي آء ٽي  ميمبر قرآن پاڪ تي هٿ  رکي چون ته علي اصغر اغوا ٿيل ناهي ۽ هي چارائي جوابدار ناهن ته پوءِ مان پهنجو ڪيس الله جي عدالت حوالي ڪندس.

 هنن چيو ته علي اصغر مڱريو کي انھن جي قيد مان آزاد ڪرائي جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.علي اصغر جي بازياب ٿيڻ  تائين جاري ڪيل احتجاجي ڪيمپ جو نوٽيس ورتو وڃي.

مَي 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو