تعليمي بورڊ سکر جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ھلندڙ

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان جاري آهن، ڪمشنر سکر ڊويزن  مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو،

استادن سان گڏ والدين به ڪاپي ڪلر کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ميڊيا سان ڳالهيون ان سلسلي ۾  سکر ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان جاري آهن،

جيڪي 10 مئي تائين جاري رهندا، جنهن دوران 200 کان وڌيڪ امتحاني مرڪزن تي امتحاني عمل جاري آهن. سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ سکر بورڊ قائم ڪيو ويو آهي، جتي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا هڪ لک 5 هزار 73 شاگرد امتحان ڏئي رهيا آهن

 هن امتحاني مرڪزن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ اميدوارن کي ٻيون سهولتون نه ملڻ سميت امتحاني مرڪزن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي امتحاني مرڪزن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. امتحاني مرڪزن ۾ ڳالهائيندي فياض حسين عباسي چيو ته امتحانن ۾ ڪاپي جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسان ڪاپي جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا

پر ان لاءِ ڪجهه وقت ۽ پاليسيون گهرجن. صفر رواداري واري پاليسي تي عمل ڪندي شاگرد محنت ڪري پاس ٿين ان ۾ انهن جي ئي ڀلائي آھي.

مَي 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو