ٺاروشاھ ۾ جسم پاران قومپرست اڳواڻ بشير شر جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي

Spread the love

ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ۾ جسم پاران قومپرست اڳواڻ بشير شر جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي جسم اڳواڻ عرفان ڏاھري خليل شـر اعجاز سومرو ۽ ٻين مولانا عبيداللھ سنڌي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب پھتا جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ قومي اڳواڻ بشير شـر کي بلا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آھي

 جنھنجي ڪابـ خبر پئجي نـ سگھي ھنن چيو جيڪڏھن بشير شر مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آھي تـ ھنکي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي نـ ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

مَي 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو