سڪرنڊ: پاڪستان ڪاٽن ريسرچ اداري جي 43 ملازمن پاران جبري برطرفين خلاف احتجاج

Spread the love

سڪرنڊ  (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پاڪستان ڪاٽن ريسرچ اداري سڪرنڊ جا 43 ملازم هڪ سال کان جبري برطرفين خلاف معصوم ٻارڙن سان ڪاٽن ريسرچ سڪرنڊ جي مين گيٽ آڏو رات ڏينهن احتجاج تي ويٺل. ملازمن پاران علامتي ڦاهو ڏئي اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکيو.

ان موقعي تي اڳواڻن امين ڪيريو ، نصر الله چاچڙ ، اڪبر ڪيريو ، فتح محمد ، ڪامل لاشاري ، اصغر ، رجب ڪيريو ، ايس ٽي پي اڳواڻ حسين ڪيريو ۽ ٻين ملازمن چيو ته پهرئين مئي 2023 ع تي اسان کي جبري طور برطرف ڪيو ويو. اسان 10 سالن کان اداري ۾ ڪم ڪيو اسان کي بلاوجواز اداري مان برطرف ڪيو ويو آهي. اسان هڪ سال ڦاڪا ڪشي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهيون.

 هنن چيو ته حڪومت پاران پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر قادر مندو خيل جي صدارت ۾ ڪاميٽي ٺاهي هئي جنهن اسان کي بحال ڪري نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر اسان جي اداري پاران اسان کي بحال نه ٿو ڪيو وڃي هنن وزير اعظم پاڪستان ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيبملي سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي بحال ڪري اسان کي بکن کان بچايو وڃي.

مَي 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو