ٺٽو: قدرتي آفتن جي خطري کي گهٽائڻ، منھن ڏيڻ بابت ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو

Spread the love

ٺٽو( نظير احمد قريشي) رسڪ گورننس فريم ورڪ پروجيڪٽ تحت ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي لاءِ آفتن جي خطري کي گهٽائڻ، تيارين ۽ اڳڀرائي بابت وارننگ سسٽم تي هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو
يونائٽڊ نيشنز ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) پاران رسڪ گورننس فريم ورڪ پروجيڪٽ تحت ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي لاءِ قدرتي آفتن ۾ ڪمي، تياري ۽ ابتدائي وارننگ سسٽم بابت هڪ ڏينهن لاءِ ورڪشاپ دربار ھال مڪلي ۾ منعقد ڪيو ويو.
ورڪشاپ ۾ قدرتي آفتن کان اڳ، قدرتي آفتن دوران ۽ بعد ۾ خطرن کي مؤثر طريقي سان منظم طريقي سان منھن ڏيڻ بابت بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي ليڊ ڪنسلٽنٽ شُڪري رحمان، ڊي آر آر ڪنسلٽنٽ ٺٽو نعمان علي ڀٽي ۽ ڊي آر آر ڪنسلٽنٽ ڄامشورو ارسلان ٻگهيو چيو ته ورڪشاپ جو مقصد قدرتي آفتن سميت انھن کان بچاءُ لاءِ تياري ۽ خطري کي گھٽائڻ واري حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ آهي.
هنن چيو ته ھي فريم ورڪ هڪ جامع انداز اختيار ڪري ٿو جنهن ۾ مختلف سرڪاري ادارا، سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ برادريون شامل آهن ته جيئن آفت جي رد عمل جي ڪوششن ۾ موثر هم آهنگي ۽ مصروفيت کي يقيني بڻائي سگهجي. هنن شرڪت ڪندڙن کي رسڪ گورننس فريم ورڪ پراجيڪٽ جي مقصدن، موجوده وسيلن ۽ آفتن جي خطري کي موثر انداز ۾ گهٽائڻ جي صلاحيت بابت آگاهه ڪيو.
ورڪشاپ ۾ ضلعي جي مختلف کاتن ۽ اين جي اوز جي نمائندن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو. ورڪشاپ جو بنيادي مقصد خطري جي زد ۾ ايندڙ علائقن ۾ قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت انتظامن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجا پنھنجا تجربا ۽ طريقا شيئر ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري قدمن جي اهميت ۽ افاديت تي بحث ڪيو.
ورڪشاپ دوران مقامي منصوبابندي، قدرتي آفتن جي حوالي سان ضروري قدمن، ڪميونٽي جي شرڪت ۽ منفي اثرن جي خاتمي تي زور ڏنو ويو.
ورڪشاپ ۾ ايمرجنسي دوران لاڳاپيل کاتن جي ڪردار تي روشني وڌي وئي جڏهن ته اين جي اوز سان سهڪار ۽ آفتن دوران وسيلن جي کوٽ ۽ متحرڪ مسئلن تي پڻ ڌيان ڏنو ويو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
ورڪشاپ جي پڄاڻي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ يو اين ڊي پي جي خاص قدمن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا ڪانٽينجنسي پلان تيار ڪري جلد کان جلد پيش ڪن ته جيئن ڊي ڊي ايم اي پاران هڪ مؤثر حڪمت عملي جوڙي سگهي.
ورڪشاپ ۾ تعليم، صحت، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ، زراعت، بلڊنگز، هاءِ ويز، ايجوڪيشن ورڪس، انفارميشن، سوشل ويلفيئر، زراعت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، لائيو اسٽاڪ، مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن کان علاوہ ٽي آر ڊي پي، هينڊز، سرسو، اين آر ايس پي، تعمير خلق فائونڊيشن، سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن، چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز، رائٽ ٽو پلي، ريسڪيو 1122 سروس، ڊبليو ڊبليو ايف، هيومن پاڪستان ويلفيئر ۽ سي ايس ايس پي ۽ ٻين اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو