صحت جون سموريون بهتر سهولتون جلد عوام کي ملڻ گهرجن: ، پير مجيب الحق
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو پھچي ويو، ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کيس اسپتال جي مختلف وارڊن چلڊرين وارڊ ،ميڊيڪل وارڊ ،آپريشن ٿيٽر گائني وارڊ، ايمرجنسي وارڊ جو وزٽ ڪرايو ۽ اسپتال ۾ سھولتون نه هجڻ بابت کيس ڄاڻ ڏني، پ پ پ ايم پي اي اسٽاف کي اسپتال جي صفائي سٿرائي بابت ھدايتون ڏيندي چيو ته هي اسان جي شهر جي اسپتال آهي
هتي ايندڙ هر ماڻھو کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، پير مجيب الحق وڌيڪ چيو ته منهجي ڏينهن رات ڪوشش آھي ته صحت جون سموريون بهتر سهولتون جلدي عوام کي ملڻ گهرجن، منهنجي ڪوشش آهي ته مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي
جيڪا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ بابت آگاھي ڏيندس ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندس، ايم ايس کي وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي ڊيوٽي جو پابند ڪري هر مريض جو ھر ممڪن اعلاج ڪيو وڃي، ان موقعي تي پارٽي ورڪر سپوٽر موجود پڻ هئا.
