بيت المال دادو جي انچارج پاران مستحق ماڻهن لاءِ مليل سامان من پسندن ۾ورهائڻ جو انڪشاف

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو بيت المال جي انچارج افضل سومرو پاران مستحق ماڻهن جو مليل سامان من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، من پسند ماڻهن کي نوازڻ خلاف دادو جي يتيم ۽ بيواه عورتن مسمات زرينا سولنگي، مسمات ريحانه، مسمات بلبل مسمات حنيفان ۽ ٻين عورتن پاران بيت المال جي انچارج جي خلاف سخت نعاريبازي ڪئي

عورتن جو چوڻ هو ته اسان جي لاءِ مليل سامان بيت المال جي انچارچ افضل سومرو پاران من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو آھي انهن علائقن ۾ سامان تقسيم ڪيو ويو آھي

 جيڪي علاقہ پاڻي جي لپيٽ ۾ نه آيا آھن هنن چيو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته انچارج افضل سومرو اهو سامان غريب مسڪين ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجن من پسند ويجهن عزيزن کي ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مستحق ۽ غريب ٻوڏ سبب متاثر انڊس هاء وي تي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن

 اسان کي اهو به معلوم ٿيو آهي ته انچارج بيت المال جيڪو پنهنجي عزيز جي نالي تي سنڌ سرڪار جي کاتن ۾ ٺيڪيداري ڪري ٿو جنهن پاڻ کي وڻائڻ لاءِ مختلف کاتن جي ايس ڊي او کي فرضي نالن تي 3 سئو کان وڌيڪ ٽوڪن ڏنا آهن ۽ انهن جي ڳوٺن ۾ سامان ورهائڻ جون پڻ ڪئمپون لڳايون ويون آهن جيڪي علائقا ٻوڏ ۾ متاثر نه ٿيا آهن

 حقيقي متاثر بيت المال آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، انهن کي هڪ به ٽوڪن ناهي مليو، انچارج افضل سومرو جيڪو 2015 کان سيٽ تي ويٺل آهي امدادي سامان هڙپ ڪري ڇڏيو آهي هو سامان انهن ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي جيڪي حقيقي متاثر نه آهن، اسان روزانو آفيس اچون ٿا

 اسان کي ڪوڙا دلاسان ڏنا وڃن ٿا .هاڻي ته اسان کي آفيس ۾ اچڻ به نه ٿو ڏنو وڃي هي پنهنجن کي نوازي رهيو آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي ته وڏا راض فاش ٿيندا.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو