ڏوڪري ۾ ايم پي اي عادل الطاف انڙ عورتن لاءِ هُنري سکيا جي اسڪول جو افتتاح ڪيو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري شهر ۾ ايم پي اي عادل الطاف انڙ پاران عورتن لاءِ هُنري سکيا جي اسڪول جو افتتاح ڪيو ويو آهي، افتتاحي تقريب ۾ اسٽيوِٽا جي مينيجنگ ڊائريڪٽر منور علي مٺياڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ووڪيشنل اسڪول ڏوڪري جي هيڊ ميڊم نيلوفر ڀان پاران عورتن کي سکيا ڏيڻ ۽ اسڪول ۾ ضرورتن بابت مھمان خاص کي آگاهي ڏني. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو تہ پي ايس 13 ڏوڪري باقراڻي تعلقي ۾ عورتن جي ڀلائي هُنر جي سکيا لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون،
هن وڌيڪ چيو تہ ووڪيشنل اسڪول ڏوڪري ۾ عورتن کي هُنر مطابق گهربل سهولتن کي جلدي پورو ڪيو ويندو تہ جيئن اسڪول ۾ هُنر حاصل ڪندڙ عورتون وڌ کان وڌ هُنر جي سکيا حاصل ڪري سگهن، هوڏانهن ووڪيشنل اسڪول جي هيڊ ميڊم نيلوفر ڀان چيو آهي تہ ڏوڪري شهر ۾ عورتن کي هُنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ ووڪيشنل اسڪول جو افتتاح ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ عورتون سکيا حاصل ڪري رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو تہ عورتن کي هنر جي سکيا ۾ داخلا وڌائڻ لاءِ ووڪيشنل اسڪول ڏوڪري ۾ ڪلاس وڌيڪ ٺاهيا ويا آهن
جلد نئين داخلائون ڪيون وينديون تہ جيئن ڏوڪري تعلقي جون وڌ کان وڌ عورتون هنر جي سکيا حاصل ڪري سگهن. ووڪيشنل اسڪول ڏوڪري جي افتتاحي تقريب ۾ ڏوڪري ٽائون چيئرمين عبدالحمید جيسر، وائيس چيئرمين سيف ﷲ سومرو، اڳوڻو چيئرمين لياقت علي سومرو، حبيب ﷲ کوکر، محراب خاصخيلي، آغا جلباڻي ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ موجود هئا.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو