نواب شاهه: بالو جا قبا ٿاڻي جي پوليس خلاف ڀنڊ برادري پاران  احتجاجي مظاهرو

Spread the love

نواب شاهه( رپورٽ: فدا حسين رند) بالو جا قبا ٿاڻي جي پوليس خلاف ڀنڊ برادري جي مرد ٻارڙن ۽ عورتن نواب شاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي بالو جا قبا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي جتي اڳواڻن احسان علي ڀنڊ غلام سرور ڀنڊ ۽ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جو نوجوان اصغر علي ڀنڊ

ڪيبن هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي اصغر علي ڀنڊ پٽ حاجي حسين کي بالو جا قبا پوليس جي آفيسر دليپ ڪمار اسان جي علائقي جي بااثرن ۽ اسان جي مخالفن جي چوڻ تي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي

 ھنن هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته بالو جا قبا پوليس اسان جي مخالفن کان پئسا وٺي اسان جي نوجوان کي ڪو جاني نقصان نه پهچائي هنن ڊي آئي جي ۽ ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي نوجوان مٿان ڪو الزام آهي ته کيس عدالت سڳوري ۾ پيش ڪري  ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي ظاهر ڪري اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو