سيوهڻ : ڇنڊڻ واھ جا دروازا بند ڪيا وڃن: آبادگارن جو مطالبو

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ ۾ ايريگيشن کاتي جي نااهلي سبب لال باغ ڇنڊڻ واھ جنھن کي مور لڪ پڻ چوندا آھن،
ان ڇنڊڻ واھ جي ذريعي درياءِ سنڌ ۾ منڇر جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، خدشو اھيو آھي تہ اھو پاڻي سيوهڻ واسين کي نه پياريو وڃي، جيڪڏھن سيوھڻ جي رھواسي اھڙو زهريلو پاڻي واپرايو ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا ۽ سيوھڻ جي رھواسين ۾ پيٽ، چمڙي معدي ھيپاٽائيٽس جھڙين، خطرناڪ بيمارين جنم وٺڻ جو انديشو وڌي ويندو،
سيوهڻ جي رھواسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ آبپاشي کاتي جي اعلیٰ عملدارن کان فوري طور تي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي ، ۽ مطالبو ڪيو آھي تہ ڇنڊڻ واھ جا دروازا بند ڪيا وڃن.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو