ڪراچي: شاھنواز شر ڳوٺ جي يونين جون چونڊون، عبدالمنان چيئرمين  چونڊجي ويو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي شاھنواز شر ڳوٺ جي بلاڪ سي ۽ ڊي جون متفقـ طور تي باڊي چونڊي وئي عبدالمنان چانڊيو چيئرمين ۽ ٻيا عھديدار چونڊيا ويا

خبرموجب ڪراچي شاھنواز شر ڳوٺ جي بلاڪ سي ۽ ڊي جي رھواسين جو اجلاس ٿي گذريو جنھن ۾ شاھنواز شر ڳوٺ جي رھواسين طرفان متفقـ طور تي عبدالمنان چانڊيو کي چيئرمين سينيئر نائب صدر ڪامريڊ حسين ڏاھري نائب صدر مشتاق اڄڻ جنرل سيڪريٽري رحيم بخش اڄڻ خزانچي غلام سرور سولنگي ڊپٽي خزانچي محمف يعقوب ڀٽو انفارميشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ غلام رسول ڏاھري آفيس سيڪريٽري امير بخش چانڊيو عھديدار چونڊيا ويا

ان موقعي تي چيئرمين جي عھدي تي چونڊيل عبدالمنان چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ پنھنجون وڌ کان وڌ ڪوششون ھونددون تـ عھديدارن سميت شاھنواز شر ڳوٺ جي رھواسين سان گڏجي ھتان جي بنيادي مسئلن جي حل لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪنداسين ھن چيو تـ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت کي شاھنواز شر ڳوٺ جي مسئلن کان آگاھ ڪيو ويندو ۽ پنھنجي ڪوشش ھوندي تـ اھي مسئلا جلد ڪرايا وڃن.

مَي 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو