ٽنڊو ڄام: اسڪول جي بلڊنگ جو مرمتي ڪم نٿو ڪرايو وڃي: استاد برادري
ٽنڊوڄام (رپورٽر) ٽنڊو ڄام ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ڌماڪي سبب ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، معصوم ٻارڙا معجزاڻي طور محفوظ رهيا، ڳوٺ حاجي يار محمد ناهيون ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب اسڪول ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،
ڌماڪي جو آواز ٻڌي ڀر پاسي وارا ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ اسڪول پهتا، انهي موقعي تي اسڪون جي ماسترن ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي حالت زبون آهي ڪئي ڀيرا اختيارين کي لکيو آهي
مگر پوء به اسڪول جي بلڊنگ جي مرمتي ڪم نٿو ڪرايو وڃي، اڄ اسڪول ۾ ٻار معمول موجب تعليم پرائي رهيا هئا ۽ هالف ٽائم وقت اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا آهن،
رٖسيس جو ٽائم هجڻ سبب ٻار ٻاهر هئا ۽ هو نقصان کان بچي ويا، اسڪول جي حالت خسته هجڻ سبب ٻارڙن کي ٻاهر وڻ جي ڇانو ۾ تعليم پڙهائيندا آهيون، ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڪئي ڏهاڪن کان اسڪول جي مرمت جو ڪم ناهي ڪرايو ويو
جنهن سبب اسڪول زبون حال بڻيل آهي سنڌ سرڪار جي تعليم جي ڀلائي وارا دعویٰ کوکلا آهن ۽ زميني حقيقتون ڪجھ ٻيو بيان ڪن ٿيون، اسڪول انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن وس وارن کان نوٽس وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جي گهُر ڪئي آهي.
مَي 3, 2024