يوم مئي جو ڏھاڙو: پريس ڪلب سنجهورو طرفان سيمينار ڪوٺايو ويو
سنجهورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي) شڪاگو جي شھيدن جي عالمي ڏھاڙي يوم مئي جي حوالي سان پريس ڪلب سنجهورو طرفان پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو
جنهن ۾ پ پ سٽي سنجهورو جي صدر ۽ ميونسپل ڪميٽي سنجهورو چيئرمين راڻا حاجي محمد انور راجپوت ۔ مزدور اڳواڻ عبدالستار کرل ۔ پريس ڪلب سنجهورو جي صدر خداڏنو ڪاڇائي جرنل سيڪريٽري غلام عباس خاصخيلي ڊاڪٽر غلام قادر پھنور منصور لغاري ۔ امام بخش منڱريو محمد بخش خاصخيلي ۔ احد لغاري حيدر چانگ خدابخش سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته يوم مئي مزدورن جي عالمي ڏينھن تي دنيا جي مظلوم پورھيتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا
جن حقن خاطر پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو ھنن چيو ته ملڪ اندر گھٽ اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدورن ، ھارين ، پورھيتن کي زمينون الاٽ ڪري گھر ٺھرائي ڏنا وڃن
پورھيتن جي اولاد کي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين مفت تعليم فراھم ڪئي وڃي ھنن چيو ته مزدورن , پورھيتن ۽ ھارين جي حڪومت پاران لائيف انشورنس ڪئي وڃي ته جيئن ھو پنھنجي پڇاڙي ۾ سھولت وٺي پنھنجي زندگي آرام سان گذاري سگھن ۔ سيمينار ۾ مزدورن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مَي 3, 2024