ملير: مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪراچي رورل نيٽ ورڪ ڪرن پاران تقريب منعقد
ملير (ڊ ر) پهرين مئي تي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان عوامي پريس ڪلب ملير ۾سماجي تنظيم ڪراچي رورل نيٽ ورڪ ڪرن جي تقريب منعقد ڪئي وئي
جنھن ۾ شڪاڳو سميت سڄي دنيا جي مزدورن جي جدوجھد خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ڪوٺائي وئي تقريب ۾ مزدور تنظيمن، ٽريڊ يونين جي نمائندن، صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن حما فاطمه جمال، ڊاڪٽر محمد هاشم سنڌ يان، خليل وڍيلو، عديل اختر، سلميٰ ڪريم ميمڻ، قمر، امير بخش خاصخيلي. حيات بلوچ، ايم سليم جي ايم ميمڻ احمد روشن، اسلم آزاد سميع ميمڻ قادر درس سامي ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو
۽ مزدورن جي مسئلن ۽ انهن جي حل جو ذڪر ڪندي انهن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ملير ۾ مقامي ادارن ۽ صنعتن ۾ نوجوانن کي روزگار ڏين.
مَي 3, 2024