بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ بارودي سرنگهه جا ڌماڪا، هڪ شخص مارجي ويو، 20 زخمي

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب دڪي ۾ ٺيڪيدار ندي ۾ بارودي سنگهه جا ٻه ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 20 زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته پهريون ڌماڪو بارودي سرنگهه سان ڪوئلي جي ٽرڪ ٽڪرائجڻ سان ٿيو ۽ ٻيو ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن ماڻهو اتي گڏ هئا.
پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

مَي 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو