ڳيريلي ويجهو  نامعلوم شرپسندن 9 جريبن جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏئي ڇڏي

Spread the love

ڳيريلو(رپورٽr) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب سنديلو ۾  نامعلوم شرپسندن منظور بروهي ۽ عثمان بروهي جي 9 جريبن جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏئي ڇڏي

جنهن سبب گڏ ڪيل لکين  رپين جي ڪڻڪ مڪمل طور تي سڙي خاڪ ٿي وئي. ان موقعي تي متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مسڪين ھاري آھيون اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي،

ھارپي تي زمين ڪندا آهيون، ظالمن ظلم ڪري اسان جي سال جي محنت کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن مڀالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

واقعي بابت ڳيريلو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پهچي تفصيل وٺي جاچ ڪري رهيا آهيون.

مَي 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو