ڊي سي سانگھڙ پاران تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم جو دورو، مريضن سان ملاقات
سانگھڙ ( رپورٽر ) ڊي سي سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه اوچتو تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم جو دورو ڪيو ان موقعي تي ھن ميل ۽ فيميل وارڊن ۾ داخل مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ علاج بابت معلومات ورتي جنھن تي مريضن کيس ٻڌايو ته نئين ايم ايس ڊاڪٽر فضل محمود شاھ جي اچڻ کان پوءِ اسپتال ۾ بھتري آئي آھي
اسان کي ڪافي دوائون ملي رھيون آھن علاج سٺو پيو ٿئي ايم ايس ڊاڪٽر فضل محمود شاھ ڊي سي سانگھڙ آڏو مسئلا بيان ڪندي چيو ته بجيٽ جي ڪمي جي ڪري اسپتال ۾ سھولتن جو فقدان آھي سرجن ڊاڪٽر ناھي مريضن جي کاڌ خوراڪ لاء پڻ بجيٽ ناھي ان کان علاوه دوائن جي کوٽ آھي
جنھن تي ڊي سي سانگھڙ کيس خاطري ڪرائي ته ايم پي اي پارس ڏيرو سان گڏجاڻي ڪري جيڪي به اسپتال جا مسئلا آھن اھي حل ڪيا ويندا توھان ورڪنگ پيپر ٺاھيو ان تي ڪم شروع ڪريون ٿا ان موقعي تي ڊي ايڇ او سانگھڙ ڊاڪٽر دولت جمالي . ڊاڪٽر اسلم بروھي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا .
مَي 1, 2024