قبوسعيدخان: خادم واسين پاران ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ کاتي خلاف احتجاج

Spread the love

قبوسعيدخان (رپورٽر) قبوسعيدخان  جي خادم  محله جي رھواسين جو ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ سعيداحمد ۽ ٺيڪيدار  شفيق الرحمن چانڊيو جي مبينا ڪرپشن  خلاف رھواسين جو ميرحسن مگسي ديدار بروھي منصوراحمد باريجو جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ايس ڊي او ۽ ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته  ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ ۽ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سبب  ٺيڪيدار خادم محله ۾  ھلندڙ پيور بلاڪ  ۽ نالين جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آھي

جنھن ڪري  محله واسين کي اچڻ وڃڻ ۾ شديد مشڪلاتن کي منھن ڏيئڻو پوي ٿو  ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسرن کي دانھون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو ھنن خدشو ڏيکاريندي چيو ته ٺيڪيدار ايس ڊي او سان ملي ڀڳت ڪري پيور بلاڪ ۽ نالين جا پئسا ھڙپ ڪري پيور بلاڪ ۽ نالين جو ڪم اڌ تي ڇڏي غائب ٿي ويا آھن

ھنن ھتان جي چونڍيل ايم پي اي مير نادر خان مگسي سميت پبلڪ کاتي جي اعليٰ  آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته خادم محله جي ھلندڙ پيور بلاڪ ۽ نالين جو رھيل ڪم مڪمل ڪرائي خادم  محله واسين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو ـ

مَي 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو