سڪرنڊ: پوليو خلاف مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي ايڇ او پاران مختلف علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو
سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر شاهه، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري سان گڏ ضلعي ۾ جاري پوليو خلاف مهم جو جائزو وٺڻ لاء سڪرنڊ تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پوليو ٽيمن جي ڪم جو جائزو ورتو.
تفصيل موجب ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر سڪرنڊ باءِ پاس تي قائم پوليو ٽرانزٽ پوائنٽ، صابو راهو ۾ ضلعي شھيد بينظيرآباد ۽ ضلعي مٽياريءَ جي دنگ تي مقرر پوليو ٽرانزٽ ٽيم سان گڏوگڏ ديھ نڪر جي مختلف ڳوٺن ۽ روڊ جي پاسن کان ويٺل لاڏائو قبيلي ۽ سرن جي بٺن تي مزدورن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو جائزو ورتو
ان موقعي تي صابو راهو نڪر روڊ تي ويٺل لاڏائو قبيلي جي ٻن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا نه پيتل ھئڻ تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر کي فوري طور تي علائقي ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ٽيم کي انھن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حڪم ڏنو
ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او جو نمائندو ڊاڪٽر آفتاب، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراھو ۽ ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ ھئا.
مَي 1, 2024