ڪراچي: سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اجلاس صدر جلال شاھ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اجلاس صدر جلال الدين شاھ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو
جنھن ۾ ايس يو پي نائب صدر امير حسن پنھور خصوصي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مرڪزي سيڪريٽري آڪاش ديدڙبسينيئر نائب صدر آفتاب سنڌي جوائنٽ سيڪريٽري قاسم شاھاڻي انفارميشن سيڪريٽري اسرار ساھڙ ۽ فنانس سيڪريٽري سڪندر پنھور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ تنظيمي ۽ سياسي معاملن جو گھڻ طرفو جائزو ورتو ويو
۽ آئيندي لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي رھيل ڊويزنن ضلعن تعلقن ٽائونن ۾ تنظيم کي فعال ڪرڻ مئي مھيني ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ سنڌ اندر بک ھڙتالن سميت جدوجهد ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا
آخر ۾ سياف مرڪزي صدر جلال شاھ چيو تـ پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليمي نظام کي ڄاڻي واڻي ھٿ سان وٺي تباھ ڪيو ويو آھي شاگرد يونين جي بحاليءَ تحريڪ جو آغاز مئي مھيني ۾ بک هڙتالون ڪرڻ سميت احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
اپريل 28, 2024