قلندر لعل شھباز رحھ جي مزار تي مسافرخانن، واش روم جي سھولت فراھم ڪرڻ جو مطالبو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾حضرت قلندر لعل شھباز رح جي زائرين لاء مسافر خانو جيڪو گولڊن گيٽ جي اولھ طرف کان آھي،
جيڪو ڪيترن سالن کان اوقاف کاتي جي عملدارن بند ڪرائي زيارتين کي رھائش جي جڳھ کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته ھي بدبخت مسافر خانو تمام بھترين ٺھيل آھي، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ ھي مسافرخانو مشرف سرڪار جي دور 2002 ۾ زائرين جي رھائش جي لاء تعمير ڪرايو ويو ھئو،
ھن مسافرخاني ۾ واش روم ، وضو خانو جي سھولت پڻ موجود ھوندي ھئي، حضرت قلندر لعل شھباز رح عليه جا غريب زيارتي اچي رھائش ڪندا ھئا،
ھي مسافرخانو اوقاف کاتي سيوھڻ جي نااهلي ڪري ڪيترن سالن کان بند ڪيو ويو آھي،جڏھن ته ھاڻي زيارتين کي رھائش لاء سيوھڻ شھر ۾ ھڪ به سرڪاري مسافرخانو اوقاف کاتي طرفان ٺھيل نه آھي، غريب زائرين ڪٿان ھزارين روپيه آڻين جو پرائيويٽ مسافرخانن يا وري پرائيويٽ ڪافين ۾ پنھنجا ٻچا وٺي رھائين،
جڏھن تـ درگاھ جي آس پاس ڪٿي بـ زائرين جي سھولت لاء واش روم يا وضو خانو ٺھيل نـ آھي، جيڪڏھن وضو خانو يا واش روم ٺھيل آھي به ته اھو درگاھ جي احاطي ۾ آھن جيڪي درگاھ رات جو بند ڪئي وڃي ٿي ته پوء اھي وضو خانه ۽ واش روم پڻ بند ڪيا وڃن ٿا،
رات جي وقت ڪنھن پرديسي کي ڪا حاجت اچي ته پوء اھو ڪاڏانھن وڃي، ۽ پوء زيارتين کي مشڪلات کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، سيوھڻ جي سڄاڻ ڌرين ۽ عوام مطالبو ڪيو آھي تـ ھن اوقاف کاتي جي مسافر خاني جي مرمت ڪرائي، حصرت لعل شھباز قلندر جي زائرين کي رھائش جي بنيادي سھولت ميسر ڪرائي ڏني وڃي،
ته جيئن حضرت قلندر لعل شھباز رح جي مزار تي ايندڙ زائرين کي ھن مھانگائي جي دوءر ۾ پرائيويٽ مسافرخانن ۽ پرائيويٽ ڪافين ۾ رھڻو نه پوي، ۽ غريب زائرين جو ھي جائز مسئلو حل ٿي سگھي.
اپريل 28, 2024