ھنڱورجا: سيد پير پريل شاھ بادشاھ جو عرس جون تقريبون شروع
هنڱورجا (رپورٽ: حب علي جهانگر) خوشخبري خوشخبري! هنڱورجا لڳ رسول آباد اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ وڏا چنه جي درگاھ سيد پير پريل شاھ بادشاھ جو عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم سان ٽن ڏينھن کان شروع ٿي ويو ۽ ميلي جي ٽيئي ڌمال آھي جڏهن ته هر سال جيان هن سال به پيرپريل شاھ سرڪار جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ميلو لڳايو ويو آھي
جنهن ۾ ڀرپاسي ۽ علائقي جي ماڻھن ۽ دگارھ جي عقيدت مندن جي ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ آمدرفت جو سلسو جاري جڏهن ته ميلي ۾ ملاکڙو به هر ڏينهن شام جو ٿيندو آھي جنهن کان بعد ۾ هر روز رات جو محفل به ڪرائي ويندي آھي
ملاکڙي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملھ پهلوان حصو وٺندا آھن جنھن ۾ پھرين ،ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جا ملھ پھلوان پاڻ ۾ زور آزمائي ڪندا، جڏھن ته چوڏيل جنپ ۽ ٻيا کيل تماشا پڻ لڳايا ويا آھن، رانديڪن ۽ مٺائي جا دوڪان پڻ سجايا ويا آھن،
راڳ رنگ جي صوفياڻي محفل ٿي جنهن ۾ رات ٽي وي ۽ اسٽيج جو سنڌ جو مايا ناز گلوڪار شمن علي ميرالي ساٿين سان گڏ درگاھ پيرپريل شاھ سرڪار جي حاضوري پري ۽ پنھنجي فن جو ڀرپور انداز ۾ مظاھرو ڪيو، ۽ پروگرام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي
جڏهن ته سيڪوٽي جا انتظام هنڱوجا پوليس جي جوان پوليس آفيسر رستم علي ڪلهوڙو پنهنجي جوانن سان گڏ پنهنجي ڊيوٽي جا فرائز انجام ڏنا.
اپريل 28, 2024