دادو: انجمن تاجران جي صدر جاويد احمد قريشي ۽ ٻين جو شاندار استقبال ڪيو ويو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) آل پاڪستان انجمن تاجران صوبه سنڌ جي صدر جاويد احمد قريشي، سرپرست اعلي پاڪستان لالا فرقان احمد شيخ حيدرآباد ڊويزن صدر ادريس ملڪ سانگهڙ ضلعي صدر سعيد احمد راٺوڙ، چيئرمين ڪاشف صابراڻي،نائب صدر محمد اسحاق، حبيب حنيف، حسين قريشي، جاويد عالم قائم خاني ٻين عهديدارن جو استقبال دادو مورو پل تي آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي اڳواڻن شاندار استقبال ڪيو

 نعرن جي گونج ۾ مهمانن کي سيد حاڪم علي شاهه آڊيٽوريم هال دادو. ۾ گلن جي ورکا سان آندو ويو، دادو جي واپارين پاران آل پاڪستان انجمن تاجران صوبي سنڌ جي اڳواڻن کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپيون اجرڪ ۽ لنگيون اوڍايون  ويون ،حلف وفاداري تقريب ٿي

جنھن ۾ سنڌ جي صدر جاويد احمد قريشي دادو جي نون چونڊيل عهديدارن صدر ضلع دادو محمد امین جمالي، سينئر نائب صدر جاويد احمد قريشي، نائب صدر وزير يونس رودناڻي، نائب صدر محمد ياسين لغاري، جنرل سيڪريٽري غلام نبي لغاري، اٽينڊنٽ سيڪريٽري سجاد ڀنڊ، فنانس سيڪريٽري عنايت احمد پٺاڻ، انفارميشن سيڪريٽري فاروق احمد چانڊيو، آفيس سيڪريٽري عبدالرزاق لغاري، جوائنٽ سيڪريٽري سلمان قريشي کي حلف کڻايو،

دادو ضلعي لاءِ آل پاڪستان انجمن تاجران جا نوان عهديدار منتخب ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي انجمن تاجران سنڌ جي صدر جاويد احمد قريشي چيو ته دادو جا تاجر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن جتي سندن پگهر وهندو اتي پاڪستان جي تاجر برادري جو رت وهندو،

هن ايس ايس پي دادو فرخ علي لنجار کان مطالبو ڪيو ته ته دادو جي تاجر برادري جا اسٽيٽس روڊ تي پوليس کاتي جا دوڪان آهن جيڪي سالن کان ڪاروبار ڪري رهيا آهن، کين روزگار جو حق ڏنو وڃي، سٺن آفيسرن کي عزت ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، ملڪي ليول تي دادو ضلعي جي تاجرن جي حقن جي حاصلات لاءِ هر جائز جدوجهد ڪئي ويندي،

ادريس ملڪ ۽ لالا فرقان احمد شيخ چيو ته دادو جي ڪاروباري مرڪزن کي ايڪسپريس فيڊر ۾ شامل ڪيو وڃي، اسان سيپڪو سي او سعيد احمد ڏاوڇ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪاروبار جي ٽائيم تي ڪاروباري مرڪزن تي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي،

 سنڌ ۾ ننڍ واپاري وڌ ۾ وڌ ٽيڪس ادا ڪن ٿا پر حڪومتي پاليسي تحت ايف بي آر کاٽو پريشان ڪري رهيو آهي جيڪڏهن ننڍن واپارين کي ٽيڪس لسٽ ۾ شامل ڪرڻو آهي ته انهن کي بجلي جي ڪمرشل بلنگ تحت فائل ڪيو وڃي،

تاجرن کي بلا جواز تنگ نه ڪيو وڃي تنگ ڪندا ته معيشت ۾ سڌارن اچڻ بجاءِ حالتون خراب ٿينديون ملڪ اندر سيڙڀ ڪاري مشڪل ٿي ويندي، جيڪو ملڪ لاءِ نقصان هوندو، اسان جو نبي سڳورو به تاجر هو، تاجران ملڪ جي ريڙه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.

اپريل 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو