ڪراچي:  صفوران ٽائون اندر عملدارن جي نااھلي خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي صفوران ٽائون اندر عملدارن جي نااھلي سبب پئدا ٿيل گندگي ڊرينيج جي ناڪارا نظام پاڻي جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جي حل لاء ٽائون چيئرمين خلاف ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوء جوائنٽ اپوزيشن ڪاميٽي جوڙي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان خبرموجب ڪراچي صفوران ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اندر ٽائون چيئرمين ۽ ٻين عملدارن ڪي نااھليء سبب سبب صفوران ٽائون اندر گندگيء جي آزار ڊرينيج جي ناڪارا نظام پيڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ سچل ڳوٺ جي جي ايم سيد جي نالي سان منسوب گرائونڊ جو نالو ھٽائي ان جو ملٽي پرپز پلي گرائونڊ نالو رکڻ خلاف ٿيل سنڌ يونائيٽڊ پارٽي تحريڪ انصاف ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوء عوامي راڄ تحريڪ جي سربراھ سيد خليل شاھ جي آفيس تي اجلاس ٿي گذريو جنھن ۾ جماعت اسلامي اسلامي جي اڳواڻ حماد اللـ ڀٽو سجاد لاڙ پي ٽي آء جي آفتاب گوپانگ ايس يو پي جي واحد مغيري قومي عوامي تحريڪ جي مدثر سرڪي مجيب چولياڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 ان موقعي ڪوٺايل اجلاس کانپوء اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ صفوران ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اندر ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ۽ ٻين عملدارن جي نااھليء جي ڪري ٽائون اندر مسئلا حل ٿيڻ بجاء وڌندا پيا پيا وڃن عملدار سرڪاري ملندڙ بجيٽ پنھنجي ذاتي پئسو سمجھي ڪرپشن ڪرڻ سان گڏوگڏ من پسند پنھنجي پارٽي وارن جي مخصوص علائقن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن

ھنن چيو تـ صفوران ٽائون ڪنھن پارٽيء جي ملڪيت نـ بلڪ قومي ادارو آھي ٽائون جو پئسو ۽ وسيلا عوام جي ملڪيت آھن ھنن چيو تـ عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکندي صفوران ٽائون تي گھري نظر رکي ويندي ان مقصد لاء مختلف ٽيڪنيڪل ايڪسپرٽس کي بـ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو

۽ آئين جي آرٽيڪل  19A ۾ ڏنل حقن کي بـ استعمال ڪيو ويندو ھنن وڌيڪ چيو تـ سچل ڳوٺ گرائونڊ جي جي ايم سيد نالي جي بحالي ۽ صفوران ٽائون چيرمين راشد خاصخيلي جي نااھليء جي ڪري ٽائون اندر پئدا ٿيل مسئلن جي حل لاء جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جوڙي جلد احتجاجي تحريڪ جو پريس ڪانفرنس ذريعي باضابطا طور تي اعلان ڪيو ويندو.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو