ڏوڪري: محمد خان چانڊيو واسين پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري ( رپوٽر) ڳوٺ محمد خان چانڊيو جي رهواسين عاشق علي چانڊيو سهيل احمد، علي بخش چانڊيو چار سال اڳ سامٽيا م قتل ٿيل مير محمد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار سال اڳ سامٽيا ۾ دوڪان تي پنج هٿياربندن فائرنگ ڪري سندن جي ڀاءُ مير محمد چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

 هنن چيو ته مسلسل احتجاج ڪرڻ کان بعد سهيڙ پوليس هڪ جوابدار غلام اڪبر چانڊيو کي گرفتار ڪيو هو. هنن چيو ته چار سال گذري وڃڻ باوجود به سهيڙ پوليس ٻيا جوابدار گرفتار ناهي ڪري رهي.

هنن چيو ته رپورش جوابدار ۽ انهن جا ڀائر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي مسلسل حراسان ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان جي مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ، اسان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي.

 هنن چيو ته جوابدارن جي مٿان ڏوڪري تعلقي جي بااثرن ماڻهن جو هٿ هجڻ سبب سهيڙ پوليس جوابدار کي تحفظ فراهم ڪندي گرفتار ناهي ڪري رهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل ٿي ويل اسان جي ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو