چوٽياريون : سرنواري ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن، شاگردن پاران احتجاج
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ويجهو سرنواري ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن، شاگردن، شھرين ۽ سماجي اڳواڻن پاران منشيات خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
تفصيل موجب پيرومل ٿاڻي جي حد سرنواري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪچي شراب چرس نشي آور سوپارين ۽ ٻين سماجي براين خلاف گورنمنٽ ھائير سڪنڊري اسڪول سرنواري جي استادن شاگردن شھرين ۽ سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيڪ پوسٽ سرنواري تي مقرر پوليس اهلڪار منشيات فورشن سان ملي ڪري نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي
اسڪول ايندڙ شاگردن کي نشي جا موالي حراسان ڪن ٿا جنهن ڪري ڪافي شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي اسان ايس ايس پي سانگهڙ ڊي ايس پي کپرو ايس ايڇ او پيرومل کي اپيل ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي ڪچي شراب جا اڏا بند ڪرايا وڃن ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان ايس ايس پي سانگهڙ جي آڏو ڌرڻو ھڻنداسين.
اپريل 23, 2024