نوشهروفيروز: سنڌ ايريگيشن ايمپلائيز فيڊريشن پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ريلي

Spread the love

نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) آل سنڌ ايريگيشن ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي ڪجھ عرصو اڳ اسڪارپ ڪالوني ۾ قتل آل سنڌ ايريگيشن ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اقبال لاڙڪ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف سوين ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي ايس اسي پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو.

 ملازمن آل سنڌ ايريگيشن ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي صدر عبدالرحيم ڀارو، ياسر اقبال لاڙڪ، ساگر يوسف منگي، ميمبر سنڌبارڪائونسل عبدالستار لھراڻي ـ خادم حسين مري، آصف اقبال لاڙڪ ـ ساگر سھيل منگي ـ علي نواز سولنگي ـ محبتي ملاح، اعظم عالماڻي، سيد ظفر علي شاھ وقار علي لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪارپ ايريگيشن ڪالوني نوشهروفيروز وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري شھر جو گشت ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس نوشهروفيروز پھتي جتي ملازم احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ اڀ ڏاريندڙ نعره هڻندا رھيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نوشهروفيروز سميت سنڌ جو ھر علائقو بدامني جو ور چڙھي ويو آھي.

نوشهروفيروز ۾ ايريگيشن ملازمن جي سنڌ سطح جي اڳواڻ کي ڦر دوران مزاحمت تي سرعام ڏينھن ڏٺي قتل ڪيو ويو پر افسوس آھي جو اڃا تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو جنھن سبب ايريگيشن جي ھزارين ملازمن ۾ سخت ڳڻتي ۽ بي چيني ڦھليل آھي.

ھنن چيو ته مٽياري پوليس قتل ۾ ملوث ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو جنھن جاچ دوران ٻين قاتلن جي نشاندهي ڪئي پر پوليس انھن مان ھڪ جوابدار به ھٿ ڪري ناھي سگھي

 ۽ پوليس رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي شھيد اقبال لاڙڪ جو ڪيس لوڙهڻ چاھي ٿي. ھنن چيو ته اسان ڪنھن بہ صورت ۾ پورھيت اڳواڻ جو قتل ڪيس لڙھڻ نه ڏينداسين.

ھنن چيو ته اقبال لاڙڪ جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو