چوٽياريون: انساني حقن جي وفد پاران روشني آڪسفورڊ اسڪول جو دورو
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) روشني آڪسفورڊ انگلش پبلڪ اسڪول چوٽياريون ۾ سال 2024 جا ساليانه امتحان جاري انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ انساني حقوق جي وفد اسڪول جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ امتحانن جي عمل جو جائزو ورتو انهيء موقعي تي هنن استادن ۽ شاگردن جي محنت تي اطمينان جو اظهار ڪيو
خبر موجب روشني آڪسفورڊ انگلش پبلڪ اسڪول چوٽياريون ۾ سال 2024 جا ساليانه امتحان جاري انهيء دوران انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڊويزن شهيد بينظيرآباد جي صدر سيد مشتاق شاھ ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻن سيد علي غلام شاھ ميان سانول ڪيريو علي گل مڱريو رمضان جوڻيجو ۽ HRJDO ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد لالخان شاھ تي مشتمل انساني حقوق جي اڳواڻن جي وفد اسڪول جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ امتحانن جي عمل جو جائزو ورتو انهيء دوران هنن اسڪول جي شاگردن جون جوابي ڪاپيون چيڪ ڪيون
۽ انهن کان مختلف سوال جواب به ڪيا انهيء دوران هنن اسڪول جي پرنسيپال استاد علي نواز جوڻيجو سميت استاد اصغر ڪيريو استاد اختر علي جوڻيجو استاد خان جوڻيجو ۽ استاد غلام مصطفا ڪيريو سان ملاقات ڪري اسڪول جي حوالي سان معلومات ورتي انهيء موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته شاگرد مستقبل جا معمار آھن
هتي شاگردن ۽ استادن سان ملي معلوم ٿيو ته اسان جي چوٽياريون جا شاگرد تعليم ۽ تربيت ۾ گهٽ ناهن ۽ استادن جي محنت به ڏسڻ وٽان آھي هنن وڌيڪ چيو ته هنن پرائيوٽ اسڪولن جي استادن کي سلام آھي
جيڪي تمام گهٽ پگهار هجڻ جي باوجود بهترين نموني ٻار پڙھائين ٿا جڏھن ته سرڪاري اسڪولن ۾ لکين روپيا پگهار هجڻ ۽ ٻيون صحولتون هجڻ جي باوجود تعليم جو معيار بهتر ناهي هتي چوٽياريون جي پوئتي پيل علائقي ۾ روشني آڪسفورڊ انگلش پبلڪ اسڪول بهتر نموني تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي
هنن وڌيڪ چيو ته اسان پراميد آهيون ته روشني پبلڪ اسڪول جا طالب علم هتان علم جي روشني حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم ۾ روشني ڦھلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
اپريل 23, 2024