سکر : مڙس پنهنجي 25 ورهين جي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو
سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) سکر ۾ گهريلو جهيڙي تان ظالم مڙس پنهنجي 25 ورهين جي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش کي ڇت سان ٽنگي ڇڏيو
خودڪشي جو ڊرامو، ايس ايس پي سکر جي نوٽيس وٺڻ تي جوابدار گرفتار، جاچ جاري آهي.علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ان سلسلي ۾ سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ گھريلو ناچاڪي تان ظالم مڙس حصيب شيخ شيخ پنهنجي 25 ورهين جي نوجوان زال مسمات سلمه شيخ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش کي گهر جي ڇت تان رسو ٻڌي لٽڪائي خودڪشي جو ڊرامو رچايو،
واقعي جي اطلاع تي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي عورت جو تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد ضروري ڪاغذي ڪاروائي کانپوء وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ،
ٻئي طرف مقتول عورت جي وارثن اعليٰ اختيارين کي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.قتل واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي، جڏهن ته ايس ايس پي سکر جي عورت جي قتل واقعي جو نوٽيس وٺڻ تي حد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مرڪزي جوابدار حصيب شيخ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
اپريل 22, 2024