بابر اعظم طرفان شادي جي پيشڪش؟ نازش جهانگير ڪهڙو جواب ڏنو

Spread the love

پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا نازش جهانگير جو قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان شادي بابت سوال تي ڏنل جواب وائرل ٿي ويو.
نازش جهانگير طرفان انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ پنهنجي پرستارن لاءِ سوال ۽ جواب جو سيشن رکيو ويو، جنهن ۾ پرستارن اداڪارا کان دلچسپ سوال ڪيا.
سيشن ۾ هڪ پرستار نازش جهانگير کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي بابر اعظم طرفان شادي جي پيشڪش ٿئي ته توهان جو جواب ڇا هوندو؟
پرستار جي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ”مان معذرت ئي ڪندس“
نازش جي جواب جو اسڪرين شارٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن تي واهپيدارن جا دلچسپ تبصرا جاري آهن.

اپريل 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو