ملير ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
ملير (رپورٽ قادر درس ) ملير ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد اميدوارن کي آفر آرڊر نه مليا، سوين استادن طرفان ميمڻ ڳوٺ جي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو،
ميرٽ جي لتاڙ بند ڪريو جي نعري بازي، ملير مان وڏي تعداد ۾ اميدون جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي، آفر آرڊر ڏيڻ بهاني مستقبل جي استادن جي تذليل ڪئي پئي وڃي،
آفر آرڊر نه مليا ته ملير سميت سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين احتجاج ڪندڙ استادن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ملير ۾ ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪندڙ سوين استاد اميدوارن کي هڪ سال گذرڻ باوجود باوجود آفر آرڊر نه ملي سگهيا آهن جنهن خلاف سوين استاد اميدوارن طرفان ڪالھ ميمڻ ڳوٺ جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،
مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۽ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي ميرٽ جي لتاڙ بند ڪريو، پاس استاد اميدوارن کي آفر ليٽر ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا
ان موقعي تي استاد اڳواڻن سيف شريف، سيد شعيب حسين شاهه، عنايت واڍيلو، حذيفه نور، شعيب بلوچ، حاڪم جوکيو، مير زمان جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير مان 4 سئو جي لڳ ڀڳ اميدوارن جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي جن مان هڪ سئو کان وڌيڪ اميدوار استادن کي اڃان تائين آفر ليٽر نه ڏنو ويو آهي
هنن چيو ته آفر آرڊر ڏيڻ بهاني گهرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاري تذليل ڪئي پئي وڃي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن آفر آرڊر نه مليا ته ملير سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.
اپريل 22, 2024