دادو: پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ويو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي سڏ تي دادو ۾ به بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هڻي ڪچهري روڊ شھري ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو،

مظاھرين نياز چانڊيو ،سرور جلال سولنگي، دانش خشڪ،الھ بخشخشڪ ، اعجاز ملڪاڻي، منصور پنھور، عبدالحميد ميمڻ، سارنگ چنا،  اسحاق لنڊ، فدا حسين سومرو، ظفر کوسو، ساجن ملاح ۽ ٻين چيو ته

سنڌ ڄائي 35 مهينن کان معصوم پريا ڪماري جي گمشدگي سنڌ حڪومت لاءِ سواليه نشان آهي،

جوڙيل جي آئي ٽي به اڃا تائين خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهي آهي،

پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي پريا ڪماري جي آزادي تائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

اپريل 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو